دريا خان جسڪاڻي

دريا خان جسڪاڻي (شهيد): شهيد دريا خان ولد محمد خان جسڪاڻي، شهيد چاڪر خان جسڪاڻيءَ جو سڳو سؤٽ هو. سندس تعلق ڳوٺ جسڪاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس سان هو. هي جسڪاڻين جي سپاهه جو دلير سپهه سالار هو. هن انگريز دؤر جي کرڙيءَ واري جنگ ۾ شاهه شجاع الملڪ ۽ سندس پٺاڻ لشڪر سان ويڙهه ڪئي هئي ۽ ڪيترن کي تلوار جي وار سان ماري وڌو هو ۽ خود به ويڙهه دوران شهيد ٿي ويو. شهيد خان جسڪاڻي'>دريا خان جسڪاڻي، ڳوٺ جسڪاڻيءَ جي ’شهيدن جي مقام‘ ۾ دفن آهي. (حوالو: خليفي نبي بخش جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)


لفظ دريا خان جسڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو